اولهه ميڊيا طالبان مخالف پروپيگنڊا ۾ ماڻهن کي گمراهه ڪيو، انس حقاني

طالبان اڳواڻ انس حقاني جو چوڻ آهي ته مغربي ميڊيا 20 سالن کان طالبان مخالف پروپيگنڊا ڪري ماڻهن کي گمراهه ڪيو آهي.

پاڪستان ۾ برطانوي هاءِ ڪمشنر جين ميريئٽ جي بيان تي پنهنجي ردعمل ۾ انس حقاني چيو ته جين ميريئٽ جهڙو سياستدان پروپئگنڊا سبب حقيقتن کي نظر نٿو اچي.

هن چيو ته دهشتگردي جي نالي تي شروع ڪيل ظالماڻي جنگ جارحيت پسندن جي شڪست سان ختم ٿي وئي.

هن چيو ته بليڪ لسٽ وارا ماڻهو هاڻي افغانستان جي حڪمرانن ۽ عوام ۾ مشهور آهن.

Read Previous

ساره قتل ڪيس، پيءُ عرفان جي گرفتاري جو امڪان

Read Next

ڪمري ۾ هوا جي گدلاڻ ختم ڪرڻ واري ليمپ تيار

Most Popular