بجلي بلز خلاف عوام سراپا احتجاج، ڪاروبار بند

بجليءَ جي ڳاٽي ٽوڙ بلز خلاف عوام اڄ چوٿين ڏينهن به سراپا احتجاج بڻيل آهي، حيدرآباد ۾ چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽريز جي سڏ تي شهر ۾ شٽربند هڙتال ڪري احتجاج ڪيو ويو آهي

حيدرآباد شهر جون مک مارڪيٽون ۽ ننڍا وڏا ڪاروبار بند آهن، ڪجهه علائقن ۾ پيٽرول پمپس به بند پيل آهن، شٽربند هڙتال سبب شهر ۾ ٽريفڪ به معمول کان گهٽ هلڻ لڳي آهي

حيدرآباد چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽريز جي اڳواڻن جو چوڻ آهي ته بجليءَ تي لڳايل نوان ٽيرف فوري طور ختم ڪيا وڃن

ڪنري ۾ به بجليءَ جي ڳاٽي ٽوڙ بلن خلاف واپاري ۽ شهري رستن تي نڪري آيا، واپارين، شهرين ۽ سياسي سماجي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن الله واري چوڪ کان نيشنل پريس ڪلب تائين ريلي ۽ مظاهرو ڪيو ۽ بجليءَ جي بلن ۾ اضافي ٽيڪس نامنظور جا نعرا هنيا

مظاهري کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته مهانگائي سٽيل ماڻهن ڏي ڳرا بل اماڻي کين آپگهات لاءِ مجبور ڪيو پيو وڃي،بجلي سستي ڪري عوام کي جيئڻ جو حق ڏنو وڃي

پنجاب، ڪي پي، بلوچستان ۽ آزاد ڪشمير ۾ به بجليءَ جي ڳرن بلن خلاف مظاهرن جو سلسلو جاري آهي

Read Previous

عمران خان جي فرمائش تي جيل ۾ ڪهڙا کاڌا تيار ٿين ٿا؟

Read Next

بغاوت ڪيس ۾ ضمانت تي آزادي بعد ايمان مزاري ٻيهر گرفتار

Most Popular