سرڪاري آفيسرن کي ساليانو 13 ارب روپين جي بجلي مفت ملندي آهي: پاور ڊويزن ذريعا

پاور ڊويزن ذريعن انڪشاف ڪيو آهي ته سرڪاري بجلي ڪمپني جي آفيسرن کي ساليانو 13 ارب روپين جي مفت بجلي ملندي آهي. گريڊ هڪ کان 4 تائين جي ملازمن کي ماهوار 100 يونٽ فري ملندا آهن.

نجي ٽي وي موجب هڪ طرف سڄي ملڪ ۾ عوام بجلي جي ڳرن بلن خلاف سراپا احتجاج آهي مختلف شهرن ۾ مظاهرن ۽ احتجاج جو سلسلو جاري آهي ته ٻئي طرف بجلي جي ورهاست ڪندڙ ڪمپنين جا آفيسر مفت بجلي جي مزا ماڻي رهيا آهن.

پاور ڊويزن جي ذريعن انڪشاف ڪيو آهي ته سرڪاري بجلي ڪمپنين جي آفيسرن کي ساليانو 13 ارب روپين جي بجلي مفت ڏني پئي وڃي. صرف گريڊ هڪ کان 4 گريڊ جي ملازمن کي 100 يونت بجلي مفت ڏني ويندي آهي جڏهن ته 1 کان 4 گريڊ جي ملازمن کي ريٽائرمينٽ کان پوءِ به ماهوار 50 يونٽ فري بجلي ڏني ويندي آهي.

ذريعن ٻڌايو آهي ته 5 کان 10 گريڊ جي آفيسرن کي 150 يونٽ مفت ڏنا پيا وڃن جڏهن ته 11هين کان 15هين اسڪيل تائين آفيسرن کي 200 يونٽ مفت ملندا آهن ۽ ريٽائرمينٽ کان پوءِ 11هين کان 15هين اسڪيل تائين ريٽائرڊ آفيسرن کي 100 يونٽ ماهوار ملندا آهن.

پاور ڊويزن جي ذريعن موجب 16هين اسڪيل جي آفيسرن کي 300، 17هين کي 450 يونٽ فري ملندا آهن. 18هين گريڊ جي آفيسرن کي 600 يونٽ بجلي مفت ڏني ويندي آهي جڏهن ته 19هين گريڊ جي آفيسرن کي 880، 20هين گريڊ جي آفيسرن کي 1110 يونٽ جڏهن ته 21 ۽ 22هين گريڊ وارن ملازمن کي 1300 يونٽ ماهوار مفت ڏنا ويندا آهن.

ذريعن ٻڌايو آهي ته گريڊ 17 کان مٿي جي آفيسرن جي مفت يونٽ بند ڪرڻ جي سمري تيار ٿي چڪي آهي. انهن آفيسرن کي يونٽس جي برابر پئسا پگهار ۾ ڏنا ويندا. پاور ڊويزن جي ذريعن ٻڌايو ته سمري ڪابينه ڏانهن اماڻي پئي وڃي. ڪابينه جي منظوري کان پوءِ اها سهوليت ختم ڪئي ويندي.

Read Previous

چندريان 3 جي ڪاميابي کان پوءِ ڀارتي نجومين چنڊ کي هندو سلطنت قرار ڏيڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

Read Next

فرانس ۾ اسڪولن ۾ عبايا تي پابندي

Most Popular