نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جون ارشد نديم کي مبارڪون

نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ورلڊ ايٿليٽڪس چيمپيئن شپ ۾ ٻي پوزيشن حاصل ڪرڻ تي ارشد نديم کي مبارڪباد ڏني آهي.

سندس چوڻ آهي ته ارشد نديم جي وڏي ڪاميابي پاڪستان لاءِ خوشي جو ڏينهن آهي.

نگران وزيراعظم جيولن ٿرو فائنل مقابلن ۾ بهترين ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ رانديگر کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته ارشد نديم اوهان قوم کي خوشي ۽ فخر جو نشانو بڻايو آهي، اوهان جي شاندار اسپورٽسمينٽ جي مهرباني اوهان ۽ پاڪستان سلور ميڊل حاصل ڪيو.

واضح رهي ته هنگري جي شهر بڊاپسٽ ۾ ورلڊ ايٿليٽڪس چيمپيئن شپ جي جيولن ٿرو فائنل ۾ 12 رانديگرن حصو ورتو، جنهن ۾ ڀارت جا 3 رانديگر به شامل هئا، ارشد نديم عالمي ايونٽ ۾ تاريخ رقم ڪندي پاڪستان لاءِ پهريون ميڊل کٽي ورتو.


Read Previous

ايشيا ڪپ: افغانستان جي ڪرڪيٽ ٽيم پاڪستان پهچي وئي

Read Next

ذڪا اشرف کي برطرف ڪرڻ جو امڪان، حڪومت کي لکت ۾ جواب جمع ڪرائڻ جي هدايت

Most Popular