ايشيا ڪپ: افغانستان جي ڪرڪيٽ ٽيم پاڪستان پهچي وئي

ايشيا ڪپ ۾ شرڪت لاءِ افغانستان جي ڪرڪيٽ ٽيم پاڪستان پهچي وئي.

ڪولمبو کان لاهور پهچندڙ افغان ڪرڪيٽ ٽيم کي سخت سڪيورٽي ۾ هوٽل پهچايو ويو.

افغان ٽيم سڀاڻي کان قذافي اسٽيڊيم ۾ پريڪٽس شروع ڪندي.

نيپالي اسٽار ڪرڪيٽر سنديپ لام چان پاڪستان روانو ٿي ويو
ٻئي طرف نيپالي اسٽار ڪرڪيٽر سنديپ لام چان ايشيا ڪپ ۾ شرڪت لاءِ پاڪستان روانو ٿي ويو آهي.

نيپالي ڪرڪيٽر سنديپ لام چان ملتان ۾ نيپال جي ٽيم ۾ شامل ٿيندو.

سنديپ پنهنجي ڪيس جي ٻڌڻي سبب ٽيم سان گڏ نه اچي سگهيو.

سنديپ لم چني جو چوڻ آهي ته هن کان اڳ پاڪستان ۾ سٺو وقت گذريو، هي وقت به مزو ايندو.

واضح رهي ته ايشيا ڪپ جي پهرين ميچ پاڪستان ۽ نيپال وچ ۾ اربع تي ملتان ۾ کيڏي ويندي.


Read Previous

ورلڊ ڪپ لاءِ پاڪستاني ٽيم جي نئين جرسي سامهون اچي وئي آهي

Read Next

نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جون ارشد نديم کي مبارڪون

Most Popular