ذڪا اشرف کي برطرف ڪرڻ جو امڪان، حڪومت کي لکت ۾ جواب جمع ڪرائڻ جي هدايت

لاهور هاءِ ڪورٽ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) جي مئنيجمينٽ ڪميٽي جي چيئرمين ذڪا اشرف جي ممڪنه برطرفي واري معاملي تي وفاقي حڪومت کي لکت ۾ جواب جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس چوڌري محمد اقبال ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

عدالت درخواست وڌيڪ ٻڌڻي لاءِ جسٽس شاهد ڪريم ڏانهن موڪلڻ جي سفارش ڪري ڇڏي.

لاهور هاءِ ڪورٽ سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن کي درخواست موڪلڻ جي درخواست رد ڪري ڇڏي.

عدالت جي حڪم تي ايڊيشنل اٽارني جنرل عدالت ۾ پيش ٿيو ۽ چيو ته هاڻي معاملو رڳو ڪيبينيٽ ڊويزن ڏانهن ويو آهي، درخواستگذار سمري کي چئلينج ڪري ڇڏيو آهي.

ذڪا اشرف جي وڪيل چيو ته ورلڊ ڪپ کان اڳ سيڪريٽري پي سي بي پنهنجي مئنيجمينٽ ڪميٽي جو چيئرمين آڻڻ چاهي ٿو.

وڪيل چيو ته سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن ملڪ ۾ ٿيندڙ عام چونڊن جي حوالي سان ادارن کي خط لکيو، پي سي بي جو ملڪ ۾ عام چونڊن سان ڪو به تعلق ناهي، چيئرمين بورڊ آف مئنيجمينٽ پي سي بي کي وفاقي حڪومت مقرر ڪيو هو. نگران حڪومت ان کي اختيار ناهي ته اها چونڊيل حڪومت جي فيصلن کي رد ڪري سگهي.

ذڪا اشرف جي وڪيل استدعا ڪئي ته ذڪا اشرف کي هٽائڻ لاءِ سيڪريٽري پي سي بي پاران لکيل خط کي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي.


Read Previous

نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جون ارشد نديم کي مبارڪون

Read Next

آئي فون ۾ "i” جي ڪهاڻي

Most Popular