جيئي شاهه پاران ايشيا ڪپ جي شروعات تي ٽيمن لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار

ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل (اي سي سي) جي سيڪريٽري جئي شاهه ايشيا ڪپ جي افتتاحي موقعي تي سمورن ٽيمن کي نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو آهي.

سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ايڪس (اڳوڻي ٽوئيٽر) تي جاري ڪيل بيان ۾ جئي شاهه چيو آهي ته ايشيا ڪپ اڄ کان شروع ٿي رهيو آهي.

جيئي شاهه جو چوڻ آهي ته هي ٽورنامينٽ مهارت رکندڙ رانديگرن ۽ يادگار لمحن جو جشن هوندو، اچو ته گڏجي ڪرڪيٽ جو جذبو ملهايون.

واضح رهي ته ايشيا ڪپ جي افتتاحي ميچ کيڏڻ لاءِ پاڪستان ۽ نيپال جون ٽيمون ملتان ڪرڪيٽ اسٽيڊيم پهچي ويون آهن.

ايشيا ڪپ جي پهرين ميچ منجهند 2:30 وڳي کيڏي ويندي، ميچ کان اڳ اسٽيڊيم ۾ افتتاحي تقريب ٿيندي.

تقريب ۾ پاڪستاني ڳائڻي آئما بيگ ۽ نيپالي ڳائڻي ٿريشالا گرونگ پرفارم ڪندا، افتتاحي تقريب کانپوءِ آتشبازي پڻ ڪئي ويندي.

Read Previous

ايشيا ڪپ: ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم سريلنڪا پهچي وئي

Read Next

بابر اعظم کي شاندار ڪارڪردگي تي سندس خاندان طرفان شاندار تحفو

Most Popular