بابر اعظم کي شاندار ڪارڪردگي تي سندس خاندان طرفان شاندار تحفو

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم کي ون ڊي انٽرنيشنل ۾ شاندار ڪارڪردگيءَ تي سندس خاندان طرفان شاندار تحفو ڏنو ويو.

واضح رهي ته ايشيا ڪپ 2023 اڄ کان شروع ٿي رهيو آهي قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي رانديگر بابر اعظم جي ڪپتاني ۽ ميزباني پاڪستان ڪندي.

ٽورنامينٽ جي افتتاحي تقريب کانپوءِ پهرين ميچ اڄ پاڪستان ۽ نيپال وچ ۾ ملتان ۾ کيڏي ويندي.

جڏهن ته ان کان اڳ بابر اعظم جي ڪپتاني ۾ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم افغانستان کي ٽن ون ڊي ميچن جي سيريز ۾ وائيٽ واش ڪري آئي سي سي ون ڊي رينڪنگ ۾ پهرين پوزيشن حاصل ڪري ورتي، جڏهن ته ون ڊي ڪرڪيٽ جي لسٽ ۾ بابر اعظم پهرين نمبر تي آهي.

قومي ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم جي ڀاءُ فيصل اعظم وڊيو شيئرنگ پليٽ فارم يوٽيوب تي هڪ ويلاگ شيئر ڪيو آهي جنهن ۾ هن بابر اعظم کي ون ڊي ڪرڪيٽ ۾ نمبر ون بيٽسمين بڻجڻ جو جشن ملهائڻ لاءِ سڀ کان مهانگي ڪار ”آڊي، اي ٽرون جي“ خريد ڪئي هئي، تحفي طور ڏنو.

Read Previous

جيئي شاهه پاران ايشيا ڪپ جي شروعات تي ٽيمن لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار

Read Next

حسن علي جو ايشيا ڪپ ۾ قومي ٽيم لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار

Most Popular