ايشيا ڪپ: ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم سريلنڪا پهچي وئي

ايشيا ڪپ ۾ شرڪت لاءِ ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم سريلنڪا پهچي وئي آهي.

ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم ڪولمبو کان ڪينڊي پهچندي، پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ميچ 2 سيپٽمبر تي کيڏي ويندي.

واضح رهي ته ايشيا ڪپ جي پهرين ميچ پاڪستان ۽ نيپال وچ ۾ ملتان ۾ کيڏي پئي وڃي.

ميچ شروع ٿيڻ کان اڳ ملتان ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ ايشيا ڪپ جي افتتاحي تقريب پڻ ٿي، جنهن دوران پاڪستاني رنگن ۾ رنگين غبارا هوا ۾ ڇڏيا ويا.

تقريب ۾ پاڪستاني ڳائڻي آئما بيگ ۽ نيپالي ڳائڻي جادو جو مظاهرو ڪيو.

Read Previous

صدر عارف علوي پنهنجي پگھار ۾ ٻه ڀيرا واڌ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

Read Next

جيئي شاهه پاران ايشيا ڪپ جي شروعات تي ٽيمن لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار

Most Popular