حسن علي جو ايشيا ڪپ ۾ قومي ٽيم لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار

پاڪستان جي فاسٽ بالر حسن علي ايشيا ڪپ ۾ قومي ٽيم لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو آهي.

سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ايڪس (اڳوڻي ٽوئيٽر) تي جاري ڪيل بيان ۾ حسن علي مداحن کي درخواست ڪئي آهي ته ميچ جو نتيجو ڪجهه به هجي، اسان کي پنهنجي ٽيم کي سپورٽ ڪرڻي آهي.

حسن علي پاڪستاني ٽيم جي رانديگرن جي تصوير شيئر ڪندي لکيو ته الله جي حوالي، پاڪستان زنده آباد.

واضح رهي ته ايشيا ڪپ ون ڊي ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ اڄ کان پاڪستان ۾ شروع ٿي رهيو آهي، پهرين ميچ ۾ پاڪستان ۽ نيپال جون ٽيمون آمهون سامهون آهن.

Read Previous

بابر اعظم کي شاندار ڪارڪردگي تي سندس خاندان طرفان شاندار تحفو

Read Next

سني ديول ڪهڙي نوجوان اداڪارا سان ڪم ڪرڻ جو خواهشمند آهي؟

Most Popular