آمريڪي صدارتي چونڊون ويجهو ايندي ئي ايڪس تي سياسي اشتهارن جي واپسي

آمريڪي صدارتي چونڊون ويجهو ايندي ئي سوشل ميڊيا ويب سائيٽ ’ايڪس‘ تي سياسي اشتهار واپس اچي ويا آهن.

سوشل ميڊيا ويب سائيٽ ’ايڪس‘ سياسي اشتهارن جي اشاعت جي اجازت ڏني ڇاڪاڻ ته ان جي ترجيح غلط معلومات جي پکيڙ کي روڪڻ آهي.

آمريڪي صدارتي چونڊن کان اڳ سوشل ميڊيا ويب سائيٽ سياسيڳالهين لاءِ پنهنجي حڪمت عملي واضح ڪري ڇڏي آهي.

اها نئين تبديلي سياسي اميدوارن کي پنهنجي ووٽرن تائين آن لائن پهچڻ جو هڪ نئون رستو فراهم ڪندي جڏهن ته سوشل ميڊيا ويب سائيٽ ’ايڪس‘ جي آمدني ۾ به اضافو ٿيندو، جيڪا گهٽتائي کي منهن ڏئي رهي آهي.

هن نئين تبديلي سان، مهم ۽ سياسي پارٽيون هاڻي مخصوص اميدوارن جي حمايت يا مخالفت ڪندي آن لائن اشتهار پوسٽ ڪري سگهن ٿيون.

ياد رهي ته ان کان اڳ 2019 ۾ ايڪس (اڳوڻي Twitter) سياسي اشتهارن تي پابندي لڳائي هئي ۽ اها پابندي 2020 جي آمريڪي صدارتي چونڊن دوران لاڳو ڪئي وئي هئي.

Read Previous

هندو ڌرم کي فريب قرار ڏيڻ واري سياستدان جي زبان ڪاٽڻ تي 10 لک رپيا انعام

Read Next

اسد شاهه کي لاڪ اپ ۾ مهمانن جيان رکيو ويو آهي، ڪيس خراب ڪيو پيو وڃي: وڪيل صفدر ڪناسرو

Most Popular