شاهين شاهه آفريدي کان پريشان ڀارتي ميڊيا پروپيگنڊا شروع ڪري ڇڏي

ڀارتي ميڊيا مشهور شاهين شاهه آفريدي جي پهرين اوور ۾ وڪيٽون وٺڻ تي پريشان ٿي وئي ۽ پروپيگنڊا شروع ڪري ڇڏي.

ايشيا ڪپ ۾ پاڪ-ڀارت ميچ کان هڪ ڏينهن اڳ ڀارتي ميڊيا فاسٽ بالر شاهين آفريدي جي فٽنيس تي سوال اٿاريا آهن.

ڀارتي ميڊيا اها پروپيگنڊا ڪري رهي آهي ته شاهين آفريدي نيپال خلاف ميچ دوران فٽنيس مسئلن جو شڪار ٿي ويو ۽ بائونڊري لائين تي طبي عملو سندس علاج ڪيو.

ڀارتي ميڊيا پروپيگنڊا ڪرڻ ۾ ايتري حد تائين هلي وئي جو شاهين آفريدي جي پاڪ-ڀارت ميچ مان ممڪنه نڪرڻ کي متبادل بالر جو نالو ڏنو ويو.

ڀارتي ميڊيا محمد وسيم جونيئر کي متبادل بالر قرار ڏئي ڇڏيو آهي.

Read Previous

پاڪ-ڀارت ميچ کان اڳ ويرات ڪوهلي جو بيان سامهون اچي ويو

Read Next

قومي ڪرڪيٽرن جي سينٽرل ڪانٽريڪٽ ۾ دير جو سبب سامهون اچي ويو

Most Popular