قومي ڪرڪيٽرن جي سينٽرل ڪانٽريڪٽ ۾ دير جو سبب سامهون اچي ويو

قومي ڪرڪيٽرن جي سينٽرل ڪانٽريڪٽ ۾ دير جو سبب سامهون اچي ويو.

ذريعن موجب قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي مصروفيتن سبب ڳالهين جو عمل مڪمل نه ٿي سگهيو آهي. افغانستان سيريز، پوءِ وطن واپسي ۽ پوءِ ايشيا ڪپ لاءِ ٽيم جي سريلنڪا روانگي سبب ڪرڪيٽرن سان وڌيڪ رابطو نه ٿي سگهيو.

ان حوالي سان ذريعن جو چوڻ آهي ته رانديگرن جو ڌيان ميچن تي هجڻ سبب معاملو دير ٿي ويو.

ذريعن موجب پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي آفيسرن وچ ۾ افغانستان سيريز دوران همبنٽوٽا ۾ رانديگرن سان معاهدن تي ڳالهه ٻولهه ٿي، جڏهن ته، ليگ جي اجازت، مختلف ذريعن کان آمدني ۾ حصيداري ۽ تجارتي حقن جا مسئلا التوا ۾ آهن.

Read Previous

شاهين شاهه آفريدي کان پريشان ڀارتي ميڊيا پروپيگنڊا شروع ڪري ڇڏي

Read Next

عمر اڪمل پنهنجي زال سان گڏ تصوير شيئر ڪئي

Most Popular