لاهور ۾ آمريڪي قونصل جنرل پاڪستان ۽ ڀارت ميچ بابت ڇا چيو؟

لاهور ۾ آمريڪي قونصل جنرل ڪرسٽن ڪي هاڪنز چيو آهي ته هو پاڪستاني ٽيم کي ايشيا ڪپ جي پهرين ميچ کٽڻ تي مبارڪباد پيش ڪن ٿا.

وڊيو بيان ۾ ڪرسٽن ڪي هاڪنز چيو آهي ته منهنجي دعا آهي ته پاڪستاني ٽيم ايندڙ ميچ به کٽي.

واضح رهي ته ايشيا ڪپ ۾ پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ميچ ڏسڻ لاءِ مداحن جو انتظار ختم ٿي ويو آهي، پالي ڪلي اسٽيڊيم ۾ ڀارت پاڪستان خلاف ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

بابر اعظم، شاداب خان، فخر زمان، امام الحق، سلمان علي آغا، افتخار احمد، محمد رضوان، محمد نواز، نسيم شاهه، شاهين آفريدي ۽ حارث رئوف اڄ ڀارت خلاف ميچ کيڏندا.

Read Previous

عدالت 11 مختيارڪارن جي معطلي جو نوٽيفڪيشن اڏائي ڇڏيو

Read Next

ايشيا ڪپ ۾ اڄ سرفراز احمد جي هاءِ وولٽيج ميچ آهي

Most Popular