ايشيا ڪپ ۾ اڄ سرفراز احمد جي هاءِ وولٽيج ميچ آهي

قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان سرفراز احمد پاڪستان ۽ ڀارت جي ميچ بابت ڳالهائيندي چيو آهي ته ايشيا ڪپ ۾ اڄ هاءِ وولٽيج ميچ آهي.

هڪ بيان ۾ سرفراز احمد چيو ته سڄي دنيا جون نظرون هن ميچ تي آهن، پاڪستان لاءِ هر ميچ اهم آهي.

هن چيو ته عالمي نمبر ون ٽيم بڻجڻ سان پاڪستاني ٽيم جو حوصلو بلند ٿيو آهي، اسان افغانستان خلاف سٺي ڪرڪيٽ کيڏي آهي.

اڳوڻي ڪپتان سرفراز احمد چيو آهي ته پاڪستاني ٽيم ڀارت کان گهڻو بهتر آهي.

واضح رهي ته ايشيا ڪپ ۾ پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ميچ ڏسڻ لاءِ مداحن جو انتظار ختم ٿي ويو آهي، پالي ڪلي اسٽيڊيم ۾ ڀارت پاڪستان خلاف ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

بابر اعظم، شاداب خان، فخر زمان، امام الحق، سلمان علي آغا، افتخار احمد، محمد رضوان، محمد نواز، نسيم شاهه، شاهين آفريدي ۽ حارث رئوف اڄ ڀارت خلاف ميچ کيڏندا.

Read Previous

لاهور ۾ آمريڪي قونصل جنرل پاڪستان ۽ ڀارت ميچ بابت ڇا چيو؟

Read Next

اروشي روٽيلا پاڪ ڀارت ميچ کان اڳ نسيم شاهه جي تصوير شيئر ڪئي

Most Popular