عدالت 11 مختيارڪارن جي معطلي جو نوٽيفڪيشن اڏائي ڇڏيو

سنڌ هاءِ ڪورٽ معطل ٿيل 11مختيارڪارن کي وڏو رليف ڏئي ڇڏيو آهي، معطلي وارو نوٽيفڪيشن معطل ڪيو ويو آهي

عدالت چيف سيڪريٽري، سيڪريٽري لينڊ يوٽيلائيزيشن، سيڪريٽري بورڊ آف روينيو ۽ ٻين ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا، ڌرين کان 27 سيپٽمبر تائين جواب طلب ڪيو ويو آهي

معطل ڪيل مختيارڪارن پنهنجي معطلي کي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو هو

ذريعن موجب 11 ئي مختيارڪارن کي روينيو کاتي اندر سياسي آشيرواد رکندڙ سسٽم تحت ڪم ڪرڻ جي الزام هيٺ معطل ڪيو ويو هو

ذريعن موجب معطل ڪيل مختيارڪارن خلاف کاتن ۾ ڦيرڦار، زمينن تي قبضن ۽ ڪرپشن جي الزامن جي جاچ هلي رهي آهي

Read Previous

چوڌري پرويز الاهي کي ٻيهر گرفتار ڪيو ويو

Read Next

لاهور ۾ آمريڪي قونصل جنرل پاڪستان ۽ ڀارت ميچ بابت ڇا چيو؟

Most Popular