علي حسن زرداري کي اهم ڪيس ۾ ڪلين چٽ ملي وئي

پيپلزپارٽي جي اڳوڻي ايم پي اي علي حسن زرداري کي آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري ڪيس مان آجو قرار ڏنو ويو آهي

ڪراچي جي احتساب عدالت ۾ ٻڌڻي دوران علي حسن زرداري ۽ ٻيا جوابدار پيش ٿيا

نيب پاران عدالت کي آگاهي ڏني وئي ته علي حسن زرداري ۽ ٻين خلاف شاهديون نه ملڻ سبب انڪوائري بند ڪئي وئي آهي

نيب پاران علي حسن زرداري ۽ ٻين خلاف 2021 ۾ آمدني کان وڌيڪ اثاثن جو ڪيس داخل ڪرايو ويو هو

نيب جي آگاهي بعد عدالت علي حسن زرداري ۽ ٻين کي ڪيس مان آجو قرار ڏئي ڇڏيو

Read Previous

ڪراچي ۾ تازي ڄاول ٻارڙي کي عمارت تان اڇلايو ويو، ماءُ گرفتار

Read Next

ملڪ ۾ کنڊ جي قيمت ڊبل سينچري مڪمل ڪري ورتي

Most Popular