ڪراچي ۾ تازي ڄاول ٻارڙي کي عمارت تان اڇلايو ويو، ماءُ گرفتار

ڪراچي ۾ عمارت ٻاهران تازي ڄاول ٻارڙيءَ جو لاش هٿ اچڻ واري واقعي ۾ اهم اڳڀرائي، پوليس ٻارڙيءَ جي مبينا ماءُ کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو آهي

ٻڌايو پيو وڃي ته عورت ذهني مريض هئڻ سان گڏ نشي جي عادي نڪتي آهي، ڪيس داخل ڪيو ويو آهي

پوليس موجب لياقت آباد 4 نمبر ۾تازي ڄاول ٻار کي پنج ماڙ عمارت تان هيٺ اڇلايو ويو هو، ٻارڙيءَ جو لاش هڪ ڏينهن پراڻو آهي

عمارت ۾ رهندڙ پاڙيسرين گرفتار ٿيل عورت ثناءُ فرقان جي ٻارڙيءَ جي ماءُ هئڻ جي تصديق ڪئي ۽ ٻڌايو ته ٻه ڏينهن اڳ فليٽ ۾ ئي عورت جو ويم ٿيو

ٻارڙيءَ جي لاش جو ڊي اين اي حاصل ڪيو ويو آهي، سڀاڻي عورت جو ميڊيڪل ڪرائڻ سان گڏ نفسياتي ڊاڪٽر کان به معائنو ڪرايو ويندو، گرفتار ٿيل ثناءُ فرقان طلاق يافته آهي ۽ هوءَ پنهنجي ڀاءُ سان گڏ فليٽ ۾ رهندي هئي

Read Previous

لاڙڪاڻو واسي نوجوان فلپائني ناريءَ سان وڊيو ڪال تي نڪاح ڪري ڇڏيو

Read Next

علي حسن زرداري کي اهم ڪيس ۾ ڪلين چٽ ملي وئي

Most Popular