ملڪ ۾ کنڊ جي قيمت ڊبل سينچري مڪمل ڪري ورتي

حڪومت جا اعلان ۽ نوٽيس منافعي خورن کي لغام نه وجهي سگهيا، جنهن کان پوءِ ملڪ جي مختلف شهرن ۾ کنڊ جي قيمت ڊبل سينچري مڪمل ڪري ورتي آهي.

ملڪ جي مختلف شهرن ۾ کنڊ جون وڌندڙ قيمتون رڪجڻ جو نالو نٿيون وٺن. ڪوئٽه ۾ کنڊ جي قيت 15 روپيه اضافي کان پوءِ 205 روپيه في ڪلو ٿي وئي جڏهن ته هڪ هفتي دوران ڪوئٽه ۾ کنڊ جي في ڪلو قيمت ۾ 35 روپين جو اضافو ٿي چڪو آهي.

پشاور ۾ به کنڊ جي قيمت ۾ اضافو ڏٺو ويو، پشاور جي عام مارڪيٽن ۾ 100 روپيه في ڪلو ملندڙ کنڊ هاڻ 200 روپين ۾ وڪرو ٿي رهي آهي.

حيدرآباد ۾ کنڊ 190 کان 200 روپين ۾ ڪلو وڪرو ٿي رهي آهي جنهن سبب پورهيت مزدور طبقو کنڊ ۾ واڌ سبب تمام گهڻو پريشاني جي ور چڙهيل آهي.

ڪراچي ۾ به کنڊ جون قيمتون وڌي ويون آهن جنهن کان پوءِ هوٽل جي مالڪن چانهه جي اگهن ۾ واڌ ڪري ڇڏي آهي. ڪراچي جي مختلف شهرن ۾ کنڊ جون قيمتون 200 کان 205 روپين تائين پهچي ويون آهن جنهن سبب عوام سخت پريشانين کي منهن ڏيڻ لڳو آهي.

پي ڊي ايم جي حڪومت کنڊ جي برآمد جي اجازت ڏني هئي پر نگران حڪومت کنڊ جي برآمد تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي

اڳوڻي ناڻي واري وزير اسحاق ڊار ملڪ ۾ کنڊ جي وڏن ذخيرن هجڻ جي دعويٰ ڪندي چيو آهي ته کنڊ جي قيمت ۾ اضافي جو سبب ناقص گورننس ۽ بي ايمان ڪاروباري طريقا آهن.

ٻئي طرف مهانگائي جي چڪي ۾ پيسجندڙ عوام بي وس آهي انهن جو چوڻ آهي ته ٻن وقتن جي ماني ته پري جي ڳالهه هاڻ هڪ وقت جي ماني به حاصل ڪرڻ ڏکيو ٿي ويو آهي.

ڪراچي جي بازارن ۾ ڀاڄين جون قيمتون به آسمان سان ڳالهيون ڪري رهيون آهن. هڪ ڪلو مٽر 400 روپيه ڪلو، جڏهن ته ڀينڊي 160 روپين تائين پهچي وئي آهي. شهرين جو چوڻ آهي ته سرڪاري قيمتن جون لستون ڪٿي به لڳل نه آهن دوڪاندار پنهنجي من ماني ڪري رهيا آهن.

هوڏانهن لاهور ۾ 20 ڪلو اٽي جو ٿيلهو 2800 روپين جو ٿي ويو آهي. جڏهن ته ماش جي دال 600 روپين تائين پهچي وئي آهي.


اسلام آباد جي آچر بازار ۾ به عام واهپي جي شين جي قيمتن غريب عوام جا هوش اڏائي ڇڏيا آهن. رڪارڊ مهانگائي سبب عوام عام واهپي جون شيون به خريد نه پيا ڪري سگهن

Read Previous

علي حسن زرداري کي اهم ڪيس ۾ ڪلين چٽ ملي وئي

Read Next

اليڪشن ڪميشن 3 سالن کان وڌيڪ صوبن ۾ مقرر آفيسرن کي وفاق ڏانهن رپورٽ ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي

Most Popular