اليڪشن ڪميشن 3 سالن کان وڌيڪ صوبن ۾ مقرر آفيسرن کي وفاق ڏانهن رپورٽ ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي

اليڪشن ڪميشن

اليڪشن ڪميشن 3 سالن کان وڌيڪ صوبن ۾ مقرر آفيسرن کي وفاقي گادي واري شهر ۾ گهرائي ورتو آهي.

اليڪشن ڪميشن طرفان سيڪريٽري اسٽيبلشمينٽ ڊويزن کي جاري ڪيل خط ۾ اليڪشن ڪميشن جي سيڪريٽرٽ گروپ، او ايم جي ۽ ايڪس ڪيڊر آفيسرن کي فوري طور تي وفاق ڏانهن رپورٽ ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

خط ۾ اليڪشن ڪميشن طرفان 3 سالن کان وڌيڪ صوبن ۾ مقرر آفيسرن کي وفاق ڏانهن رپورٽ ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي.

اليڪشن ڪميشن طرفان پوليس ۽ پاڪستان ايڊمنسٽريٽو سروس کان علاوه سمورن ڪيڊر جي آفيسرن کي واپس وفاق ڏانهن گهرائڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

اليڪشن ڪميشن لاڳاپيل کاتن جي آفيسرن کي فهرست 3 کان 4 ڏينهن ۾ فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي.

Read Previous

ملڪ ۾ کنڊ جي قيمت ڊبل سينچري مڪمل ڪري ورتي

Read Next

پي ٽي آءِ چيئرمين کي پاڪستان جي عالمي بدنامي لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي: راڻا ثناءُالله

Most Popular