پي ٽي آءِ چيئرمين کي پاڪستان جي عالمي بدنامي لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي: راڻا ثناءُالله

راڻا ثناءُ الله

پاڪستان مسلم ليگ(ن) پنجاب جي صدر ۽ اڳوڻي وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُالله چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان کي پاڪستان جي عالمي بدنامي لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي.

پنهنجي هڪ بيان ۾ راڻا ثناءُالله چيو ته عدالتي نظام جي لاڏلي کي ٻاهر وڃڻ جي ڪهڙي ضرورت؟ انصاف جي عالمي عدالت ڏانهن وڃڻ جو مطلب پاڪستان کي عالمي ڪٽهڙي ۾ ڏوهاري بنائي بيهارڻ آهي، اهو ڪم صرف ملڪ جا دشمن ۽ انهن جا ماڻهو ڪندا آهن.

اڳوڻي گهرو وزير چيو ته دهشتگردن کي پاڪستان واپس آڻڻ، آزاد ڪرائڻ ۽ آباد ڪرائيندڙ هاڻ دهشتگردن کي نئون رستو ڏيکاري رهيا آهن. هي جنهن جو ماڻهو آهي اهي هن کي بچائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. پهريان هن کي هيرو بنايو، پرڏيهي فنڊنگ ڪئي، اقتدار ڏياريو، اقتدار ۾ آڻي پاڪستان جي معيشت، پرڏيهي لاڳاپا تباهه ڪيا ويا.

راڻا ثناءُالله چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين پنهنجي اقتدار جي دور ۾ مهانگائي کان گهيرو ويڙهه جو رستو چونڊ ڪيو. هن نوجوانن جي ذهنن ۾ بارود ڀريو ته جيئن هو حملي آور جٿن ۾ تبديل ٿي وڃن.

هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان کي انصاف جي عالمي عدالت ۾ بيهارڻ سان فلسطين ۽ والاريل جمون ڪشير جي انسانن جا حق غضب ڪندڙن کي دلي خوشي ٿي. ڪٺ پتلي کي پاڪستان جي عالمي بدنامي لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي. پي ٽي آءِ چيئرمين مٿان پئسا ڪير خرچ ڪري رهيو آهي.

ياد رهي ته تحريڪ انصاف جي آفيشل ايڪس(ٽوئٽر) اڪائونٽ تان پي ٽي آءِ چيئرمين جي ڪيس وارو معاملو گڏيل قومن جي عالمي عدالت ۾ کڻي وڃڻ لاءِ جيفري رابرٽسن جون خدمتون حاصل ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو هو.

Read Previous

اليڪشن ڪميشن 3 سالن کان وڌيڪ صوبن ۾ مقرر آفيسرن کي وفاق ڏانهن رپورٽ ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي

Read Next

پنجاب ۾ ڊينگي جا وار جاري: هڪ ڏينهن دوران وڌيڪ 70 نوان ڪيس سامهون اچي ويا

Most Popular