رٽائرڊ استاد جو پ پ ضلعي ڪائونسل جي ميمبر سميت 6 ڄڻن خلاف قتل ڪيس داخل

ڪريم بخش کوسو ويجهو مارجي ويل رٽائرڊ استاد جو پيپلزپارٽي جي ضلعي ڪائونسل جي ميمبر سميت 6 ڄڻن خلاف قتل ڪيس داخل ڪيو ويو آهي

گذريل ڏينهن ڳوٺ ساڙو بروهي لڳ موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن فائرنگ ڪري رٽائرڊ استاد نظر محمد بروهي کي قتل ڪيو هو

مقتول جي پٽ اسدالله بروهي جي فرياد تي ضلعي ڪائونسل جي ميمبر بابو خدا داد بروهي سميت 6 ڄڻن خلاف قتل ڪيس داخل ڪيو ويو آهي

وارثن موجب هٿياربندن زمين جي پراڻي تڪرار تان فائرنگ ڪري استاد کي قتل ڪيو

پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدارن جي گرفتاريءَ لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن، جلد سڀني کي گرفتار ڪيو ويندو

Read Previous

ڊاڪٽر منير نائچ ۽ ساگر ڪمار کي بازياب ڪرائڻ واريون دعوائون ڪوڙيون نڪتيون؟

Read Next

ڪجهه ماڻهو احتجاج کي سول وار سان ڀيٽي رهيا آهن، پر ائين ناهي: نگران وزير اعظم انوار الحق ڪاڪڙ

Most Popular