ڪجهه ماڻهو احتجاج کي سول وار سان ڀيٽي رهيا آهن، پر ائين ناهي: نگران وزير اعظم انوار الحق ڪاڪڙ

اسلام آباد: ڪجهه ماڻهو احتجاج کي سول وار سان ڀيٽي رهيا آهن، پر ائين ناهي، فنانس پاور ٽيم مسئلن جو حل ڳولڻ ۾ رڌل آهي، اسان جي نيت ٺيڪ آهي، تنقيد جي ڪابه پرواهه ناهي.

نگران وزير اعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو آهي ته قانون موجب اليڪشن ڪميشن چونڊن جو فيصلو ڪندي، حڪومت اهڙو نظام جوڙيندي آهي جنهن سان مظلوم طبقي تي خرچ ٿئي.

هن چيو ته توانائي جي بچت لاءِ ڪجهه ڏينهن ۾ عملي قدم نظر ايندا، اسان پر امن ۽ خوشحال افغانستان ڏسڻ چاهيون ٿا.

نگران وزيراعظم وڌيڪ چيو ته چونڊن جي حوالي سان سپريم ڪورٽ جيڪو به فيصلو ڪندي قبول ڪنداسين.

Read Previous

رٽائرڊ استاد جو پ پ ضلعي ڪائونسل جي ميمبر سميت 6 ڄڻن خلاف قتل ڪيس داخل

Read Next

حجاب جو ڏينهن: ڪراچي ۾ عورتن جو مارچ

Most Popular