ڊاڪٽر منير نائچ ۽ ساگر ڪمار کي بازياب ڪرائڻ واريون دعوائون ڪوڙيون نڪتيون؟

ڊاڪٽر منير نائچ ۽ ساگر ڪمار کي بازياب ڪرائڻ واريون نگران سرڪار جون دعوائون ڪوڙيون نڪتيون؟ منير نائچ جي وارثن چيو آهي ته سڄي رات انتظار ڪرڻ بعد صبح جو گڊو پوليس پاران ٻڌايو ويو ته منير نائچ اڃا بازياب نه ٿيو آهي، ساگر ڪمار جي والد اندر لال به چيو آهي ته ساگر ڪمار اڃا بازياب نه ٿيو آهي.

گذريل رات صوبائي گهرو وزير برگيڊيئر رٽائرڊ حارث نواز، اڳوڻي صوبائي وزير شبير بجاراڻي ۽ ٻين 2 مغوي بازياب ٿيڻ جي دعويٰ ڪئي هئي.

صوبائي گهرو وزير ۽ شبير بجاراڻي گذريل رات ڪراچي ۾ تين تلوار وٽ اقليتي برادري جو لڳل ڌرڻو مغوين جي بازيابيءَ جي خوشخبري ٻڌائي ختم ڪرايو ويو هو.

نگران صوبائي گهرو وزير ۽ شبير بجاراڻي جو چوڻ هو ته ڊاڪٽر منير نائچ بازياب ٿي چڪو آهي ۽ ساگر ڪمار به رات ٻارهين وڳي تائين بازياب ٿي ويندو.

شبير بجاراڻي جو چوڻ هو ته جگديش ڪمار، نينگر جئي ديپ ۽ ٻيا مغوي به اڄ تائين بازياب ٿي ويندا.

Read Previous

مغوين جي بازيابي لاءِ سنڌ، پنجاب ۽ بلوچستان دنگ تي ڌرڻو جاري

Read Next

رٽائرڊ استاد جو پ پ ضلعي ڪائونسل جي ميمبر سميت 6 ڄڻن خلاف قتل ڪيس داخل

Most Popular