فرانس ۾ تعليمي ادارن ۾ عبايا تي پابندي اڄ کان لاڳو

فرانس ۾ تعليمي ادارن ۾ عبايا تي پابندي اڄ کان لاڳو ٿي وئي آهي.

عالمي ميڊيا رپورٽن موجب فرانسيسي تعليم وارو وزير پابندي مڙهيل 500 کان وڌيڪ اسڪولن جي نگراني ڪري رهيو آهي.

فرانسيسي تعليم واري وزير جو چوڻ آهي ته 513 اسڪول قانون جي ڀڃڪڙي ٿي سگهن ٿا.

هن چيو ته عبايا پابندي واري قانون کي لاڳو ڪرڻ لاءِ تربيت يافته انسپيڪٽرن کي ڀرتي ڪيو ويندو.

ياد رهي ته فرانس جي اسڪولن ۾ عبايا پائڻ تي پابندي جو اعلان گذريل مهيني ڪيو ويو هو.

Read Previous

پرويز الاهي جي طبيعت اوچتو خراب، اٽڪ جيل کان اسپتال روانو

Read Next

چيني صدر ڀارت ۾ جي 20 اجلاس ۾ شرڪت نه ڪندو

Most Popular