چيني صدر ڀارت ۾ جي 20 اجلاس ۾ شرڪت نه ڪندو

چيني پرڏيهي وزارت جي ترجمان تصديق ڪئي آهي ته صدر شي جن پنگ ڀارت ۾ ٿيندڙ جي 20 سربراهه اجلاس ۾ شرڪت نه ڪندو.

پرڏيهي خابرو اداري موجب ترجمان جو چوڻ آهي ته وزيراعظم لي ڪي چيانگ ڀارت ۾ جي 20 سربراهه اجلاس ۾ شرڪت ڪندو.

پرڏيهي وزارت جي ترجمان چيو ته اميد آهي ته اجلاس اتفاق راءِ کي مضبوط ڪندو ۽ ترقي کي هٿي ڏيندو.

واضح رهي ته آمريڪي صدر جو بائيڊن ڀارت ۾ ٿيندڙ جي 20 اجلاس ۾ چيني صدر جي شرڪت نه ڪرڻ جي امڪان تي ردعمل ظاهر ڪيو هو.

Read Previous

فرانس ۾ تعليمي ادارن ۾ عبايا تي پابندي اڄ کان لاڳو

Read Next

يوڪرين جي صدر دفاع واري وزير کي برطرف ڪري ڇڏيو

Most Popular