يوڪرين جي صدر دفاع واري وزير کي برطرف ڪري ڇڏيو

يوڪرين جي صدر ولاديمير زيلنسڪي دفاع واري وزير اوليسڪي رزنيڪوف کي برطرف ڪري ڇڏيو.

ولاديمير زيلنسڪي چوي ٿو ته هاڻي دفاع وزارت ۾ نئين طريقن سان ڪم ڪرڻ جو وقت آهي.

عالمي ميڊيا رپورٽن موجب روستم عمروف کي يوڪرين جو نئون دفاع وارو وزير نامزد ڪيو ويو آهي.

رپورٽ ۾ اهو به چيو ويو آهي ته اوليسڪي ريزنيڪوف کي برطانيه ۾ يوڪرين جي سفير طور مقرري جون خبرون پڻ مليون آهن.

ياد رهي ته اوليسڪي رزنيڪوف کي نومبر 2021ع ۾ دفاع جو وزير بڻايو ويو هو، هن روس خلاف جنگ ۾ مدد لاءِ يوڪرين کي اربين ڊالرن جي مغربي فوجي امداد ۾ مدد ڏني هئي، پر پوءِ سندس وزارت خلاف ڪرپشن جي الزامن کي منهن ڏيڻو پيو ۽ هو حملي جي زد ۾ اچي ويا.

Read Previous

چيني صدر ڀارت ۾ جي 20 اجلاس ۾ شرڪت نه ڪندو

Read Next

تائيوان، سامونڊي طوفان هائيڪي ڪيترائي ماڻهو زخمي، هزارين بي گهر

Most Popular