پرينيتي ۽ راگهو جي 7 ڦيرا پائڻ جو وقت اچي ويو، شادي جي تاريخ طئي

هندستاني اداڪاره پرينيتي چوپڙا ۽ راگهو چڊه جي شادي طئي ٿي وئي، رسمون 23 سيپٽمبر کان شروع ٿينديون، هندستاني ميڊيا موجب اداڪاره پرينيتي چوپڙا ۽ عام آدمي پارٽي جي اسيمبلي ميمبر راگهوچڍا جي شادي 24 سيپٽمبرتي راجستان رياست جي شهر اوي پور ۾ ٿيندي

23 سيپٽمبر تي هيڊ ميندي ۽ عورتن جو خاص پروگرام ٿيندو، شادي ۾ شرڪت لاءِ 50 وي وي آءِ پيز سميت 200 مهمانن کي گهرايو ويندو، عام آدمي پارٽي جو سربراهه اروند ڪيجريوال پنجاب جو وڏو وزير به شادي ۾ شريڪ ٿيندو

پرينتي چوپڙا جي سوٽ ۽ هندستان جي ميگا اسٽار پريانڪا چوپڙا به ايندي، واضح رهي جوڙي جي مڱڻي 13 مئي تي نئين دهلي ۾ ٿي هئي جنهن ۾ مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ شخصيتون شريڪ ٿيون هيون

Read Previous

آءِ ايم ايف 200 يونٽ وارن بجلي صارفين لاءِ نرمي تي متفق، گئس جي قيمت ۾ واڌ جو مطالبو

Read Next

توشه خانه ڪيس: بشريٰ بي بي جي عبوري ضمانت ۾ 12 سيپٽمبر تائين واڌ

Most Popular