اسلام آباد هاءِ ڪورٽ آزاد ٿيڻ کان پوءِ ٻيهر گرفتاري تي پرويز الاهي جي توهين عدالت درخواست رد ڪري ڇڏي

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ جي صدر پرويز الاهي جي آزاد ٿيڻ کان پوءِ ٻيهر گرفتاري تي داخل توهين عدالت جي درخواست رد ڪري ڇڏي.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس طارق محمود جهانگيري آزادي کان پوءِ پرويز الاهي جي ٻيهر گرفتاري تي توهين عدالت جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي جنهن ۾ آءِ جي اسلام آباد، ڊي سي، ايس ايس پي آپريشنز، ايس ايڇ او شاليمار ٿاڻو ۽ ٻين کي ڌر بنايو ويو هو.

ٻڌڻي جي شروعات تي عدالت پڇاڻو ڪيو ته پرويز الاهي کي آزاد نه ڪيو ويو؟ ان تي وڪيل صفائي ٻڌايو ته پرويز الاهي کي آزاد ڪرڻ کان پوءِ پوليس لائنز وٽ ٻيهر گرفتار ڪيو ويو. ان تي عدالت چيو ته پرويز الاهي کي آزاد نه ڪرڻ يا ٻيهر ڪنهن ٻئي ڪيس ۾ گرفتار ڪرڻ ۾ فرق آهي. هن عدالت جو اهڙو ڪوبه حڪم نه آهي ته کيس ڪنهن ٻئي ڪيس ۾ گرفتار نٿو ڪري سگهجي. جيڪڏهن هن عدالت جي حڪم باوجود ٿري ايم پي او ۾ آزاد نه ڪيو ويو ته توهين عدالت بڻجندي.

پرويز الاهي جي وڪيل چيو ته لاهور هاءِ ڪورٽ ڪنهن به ڪيس ۾ گرفتار نه ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو. ان تي عدالت چيو ته پوءِ توهين عدالت جي درخواست لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ داخل ٿيندي. هن عدالت جو اهڙو ڪوبه حڪم نه آهي. عدالت حڪم ڏنو ته ڪنهن ٻئي ڪيس ۾ گهربل نه آهي ته آزاد ڪيو وڃي. جيڪڏهن ڪنهن ٻئي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي ته اهو معاملو لاڳاپيل ٽرائل ڪورٽ کي ڏسڻو آهي.

جسٽس طارق محمود چيو ته پرويز الاهي ته گاڏي ۾ اوهان سان گڏ ويٺل هو جڏهن کيس آزاد ڪيو ويو ته اسان جي آرڊر جي ڀڃڪڙي ڪيئن ٿي؟ وڪيل چيو ته هن عدالت جي آرڊر کي فرسٽريٽ ڪرڻ جي لاءِ ٻيهر گرفتار ڪيو ويو.

عدالت چيو ته پرويز الاهي جو لاڳاپيل ڪورٽ هاڻ ريمانڊ به ڏئي ڇڏيو آهي. جيڪڏهن پرويز الاهي کي آزاد نه ڪيو ويو ته عدالت سخت ايڪشن وٺندي. عدالت پرويز الاهي طرفان داخل توهين عدالت جي درخواست رد ڪري ڇڏي.

Read Previous

وفاقي سرڪار دوائن جي قيمتن ۾ واڌ جو امڪان رد ڪري ڇڏيو

Read Next

توهين عدالت ڪيس: ڊي سي اسلام آباد ۽ ايس ايس پي تي فرد جرم لاڳو

Most Popular