توهين عدالت ڪيس: ڊي سي اسلام آباد ۽ ايس ايس پي تي فرد جرم لاڳو

اسلام آباد هائي ڪورٽ

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شهريار آفريدي خلاف ايم پي او آرڊر جاري ڪرڻ جا اختيار استعمال ڪرڻ تي توهين عدالت ڪيس ۾ ڊپٽي ڪمشنر اسلام آباد ۽ ايس ايس پي آپريشنز اسلام آباد تي فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏي.

ڊي سي اسلام آباد عرفان نواز ميمڻ ۽ ايس ايس پي آپريشن جميل ظفر خلاف توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس بابر ستار ڪئي.

ڊي سي اسلام آباد عرفان نواز ميمڻ ۽ ايس ايس پي آپريشنز جميل ظفر عدالت ۾ پيش ٿيا. ايڊووڪيٽ جنرل اسلام آباد اياز شوڪت به بطور پراسيڪيوٽر عدالت جي سامهون پيش ٿيو.

ڊي سي اسلام آباد ۽ ايس ايس پي آپريشن طرفان عدالت ۾ وضاحتي جواب جمع ڪرايو ويو جنهن تي جج چيو ته اڄ ته اسان چارج فريم ڪرڻ جو ڏينهن رکيو آهي. ايڊووڪٽ جنرل اسلام آباد اياز شوڪت چيو ته عدالت کان غير مشروط معافي گهرون ٿا جنهن تي جسٽس بابر ستار ريمارڪس ڏنا ته اوهان به ڪجهه ڏينهن جيل ۾ رهي ڏسو ته جيئن اوهان کي به خبر پوي.

ڊپٽي ڪمشنر اسلام آباد عرفان نواز ميمڻ به عدالت ۾ غير مشروط معافي گهري پر جسٽس بابر ستار چيو ته هن ڪيس ۾ 6 مهينن جي قيد آهي اوهان به ڪجهه وقت جيل ۾ رهو ته جيئن اوهان کي به خبر پئي ته ٻيا ڪيئن جيل ۾ رهندا آهن. جيڪو ڪجهه به آهي اهو هاڻ ٽرائل ۾ ثابت ڪجو.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ڊپٽي ڪمشنر اسلام آباد عرفان نواز ميمڻ تي فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏي جڏهن ته ڊي سي عرفان نواز ميمڻ ڏوهه قبول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.

عدالت ايس ايس پي آپريشنز جميل ظفر تي فرد جرم لاڳو ڪئي پر انهي به ڏوهه قبول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پڇيو ته اوهان دفاع پيش ڪرڻ چاهيو ٿا؟ جنهن تي ايس ايس پي آپريشنز جميل ظفر چيو ته مون کي ڪجهه وقت ڏنو وڃي.

عدالت توهين عدالت ۾ ايس پي فاروق بٽر ۽ ايس ايڇ او ناصر منظور تي به فرد جرم لاڳو ڪئي پر ٻنهي ڏوهه قبول ڪرڻ کان انڪار ڪيو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ وڪيل قيصر امام کي توهين عدالت ڪيس ۾ پراسيڪيوٽر مقرر ڪري ڇڏيو.

Read Previous

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ آزاد ٿيڻ کان پوءِ ٻيهر گرفتاري تي پرويز الاهي جي توهين عدالت درخواست رد ڪري ڇڏي

Read Next

اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر 307 ۽ انٽر بئنڪ مارڪيٽ ۾ 305 رپين جو ٿي ويو

Most Popular