وفاقي سرڪار دوائن جي قيمتن ۾ واڌ جو امڪان رد ڪري ڇڏيو

وفاقي سرڪار دوائن جي قيمتن ۾ واڌ جي امڪان کي رد ڪري ڇڏيو آهي.

وفاقي صحت واري وزارت جي اختيارين ٻڌايو آهي ته فارما انڊسٽري 250 کان وڌيڪ دوائن جي قيمتن ۾ واڌ چاهي ٿي، فوري طور تي دوائن جي قيمتن ۾ واڌ ممڪن نه آهي.

اختيارين چيو آهي ته دوائن جي کوٽ قيمتن ۾ واڌ لاءِ دٻاءُ وجهڻ جو بهانو آهي. 8 کان 10 دوائون ڇڏي سموريون دوائون فارماانڊسٽري کي منافعو ڪمائي ڏئي رهيون آهن.

اختيارين موجب دوائن جي قيمتن ۾ هن سال 14 کان 20 سيڪڙو واڌ ڪئي وئي. دوائن جي قيمتن ۾ واڌ جو فيصلو ايندڙ چونڊيل حڪومت ئي ڪري سگهي ٿي. پهرين ترجيح عوام کي دوائن جي فراهمي ممڪن بنائڻ آهي.

نگران صحت بابت وفاقي وزير ڊاڪٽر نديم جان چيو ته فارماانڊسٽري سان ملي معاملا حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون.

Read Previous

توشه خانه ڪيس: بشريٰ بي بي جي عبوري ضمانت ۾ 12 سيپٽمبر تائين واڌ

Read Next

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ آزاد ٿيڻ کان پوءِ ٻيهر گرفتاري تي پرويز الاهي جي توهين عدالت درخواست رد ڪري ڇڏي

Most Popular