ايشيا ڪپ: زمان خان قومي ٽيم ۾ شامل

پاڪستان ٽيم جو فاسٽ بالر زمان خان ايشيا ڪپ ۾ شرڪت لاءِ ڪولمبو جي ٽيم هوٽل پهچي ويو.

فاسٽ بالر زمان خان ڪولمبو ۾ ٽيم جوائن ڪري ورتو.

ذريعن موجب فاسٽ بالر حارث رئوف ۽ نسيم شاهه مڪمل فٽ نه ٿيڻ جي صورت ۾ شاهنواز دستي ۽ زمان خان کي متبادل طور ٽيم ۾ شامل ڪيو ويندو.

ٻئي طرف پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جو ميڊيڪل پينل نسيم شاهه ۽ حارث رئوف جي زخمن جو معائنو ڪري رهيو آهي.

ميڊيڪل پينل نسيم شاهه جي ايم آر آءِ رپورٽ جو انتظار ڪري رهيو آهي، جنهن ۾ زخم جي صحيح تشخيص ٿي سگهي ٿي.

ان کان علاوه حارث رئوف جي رڱن ۾ درد آهي جنهن سبب کيس آرام جي ضرورت آهي.

Read Previous

آءِ سي سي ون ڊي رانديگرن جي رينڪنگ ۾ بابر اعظم جي پوزيشن برقرار، امام الحق جي تنزلي

Read Next

ريا ڪپور مون کي هميشه لاءِ بدلائي ڇڏيو، شهناز گل

Most Popular