ريا ڪپور مون کي هميشه لاءِ بدلائي ڇڏيو، شهناز گل

بالي ووڊ جي نئين فلم “ٿينڪ يو فار ڪمنگ” جو ٽريلر تازو ئي رليز ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ شهناز گل ڏاڍي گليمرس نظر اچي رهي آهي.

فلم ۾ شهناز گل کان علاوه ڀومي پڊنيڪر، ڪشا ڪپلا، ڊولي سنگهه ۽ شيباني بيدي به شامل آهن.

ڀارتي ميڊيا سان ڳالهائيندي شهناز پنهنجي نئين روپ جو ڪريڊٽ ريا ڪپور کي ڏنو.

هن چيو ته ريا مون کي هميشه لاءِ بدلائي ڇڏيو، پهرين تون رات جو جاڳندي هئي سونم ڪپور کي ڏسندي هئي، ڇو ته سونم تمام سٺو لباس پائيندي آهي، ريا ڪپور مون کي اهو ئي انداز ڏنو آهي.

هڪ سوال جي جواب ۾ شهناز چيو ته مان نه ٿو سمجهان ته پنجابي فلم انڊسٽري مون کي پاسيرو ڪري رهي آهي، هر فلم جي پهرين مون کي آفر ٿيندي آهي.

هن چيو ته مان صحيح اسڪرپٽ ڳوليندي آهيان جنهن ۾ ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جا ڪردار برابر هجن يا ڪهاڻي عورتن جي هجي.

ياد رهي ته ”ٿئنڪ يو فار ڪمنگ“ 6 آڪٽوبر تي رليز ٿيندي.

Read Previous

ايشيا ڪپ: زمان خان قومي ٽيم ۾ شامل

Read Next

سيف علي خان پنهنجي وڏي پٽ جو نالو ”تيمور“ ڇو رکيو؟ ڪرينا چيو

Most Popular