لبيا: ٻوڏ جي بدترين تباهي، لاش ملڻ جو سلسلو جاري

ليبيا ۾، ميڊيٽرينين سمنڊ مان آيل طوفان سبب آيل ٻوڏ کان پوءِ بدترين تباهي ٿي آهي، هڪ هفتي کانپوءِ به لاش ملي رهيا آهن.

عالمي ميڊيا رپورٽن موجب ليبيا ۾ ٻوڏ متاثر ساحلي شهر درنا ۾ امدادي ڪارروايون جاري آهن.

رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته گڏيل قومن ليبيا ۾ 11 هزار 300 ماڻهن جي مارجڻ جي تصديق ڪئي آهي.

گڏيل قومن موجب ليبيا ۾ 10 هزار کان وڌيڪ ماڻهو اڃا تائين گم آهن ۽ 40 هزار بي گهر آهن.

گڏيل قومن به ايندڙ ڏينهن ۾ فوتين جو انگ وڌڻ جو خدشو ظاهر ڪيو آهي.

عالمي ميڊيا رپورٽن موجب گڏيل قومن، يورپ ۽ وچ اوڀر جي ملڪن مان ليبيا ۾ امداد پهچائي رهي آهي.

Read Previous

ڏوڪري ۾ ساهرن پاران مبينا طور باهه ڏئي ساڙيل نوجوان دم ڏئي ڇڏيو

Read Next

سعودي-اسرائيل لاڳاپن لاءِ ڪم ڪري رهيو آهي، امريڪا

Most Popular