ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو سپريم ڪورٽ جي ڪارروائي لائيو نشر، فل ڪورٽ بنائڻ واريون درخواستون ٻڌڻ جوڳيون قرار

چيف جسٽس پاڪستان قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ قائم فل ڪورٽ سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر قانون تي ٻڌڻي ڪري رهيو آهي جنهن جي ڪارروائي لائيو نشر ڪئي پئي وڃي. جڏهن ته عدالت سڳوري ايڪٽ جي خلاف اپيلن تي فل ڪورٽ ٺاهڻ جون درخواستون منظور ڪري ورتيون آهن.

وفاقي حڪومت سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ جي درخواستون درخواستون رد ڪرڻ جي استدعا ڪئي. وفاقي حڪومت پنهنجي موقف ۾ استدعا ڪئي آهي ته پارليامينٽ جي قانون خلاف درخواستون ٻڌڻ جوڳيون نه آهن ان ڪري اهي درخواستون رد ڪيون وڃن.

وفاقي حڪومت لکت ۾ به جواب سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏيو آهي جنهن موجب پارليامينٽ آئين جي آرٽيڪل 191 جي هيٺيان قانون سازي ڪري سگهي ٿي ۽ آرٽيڪل 191 پارليامينٽ کي قانون ٺاهڻ کان نٿو روڪي.

پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ سان عدليه جي آزادي متاثر نٿي ٿئي ۽ ايڪٽ جي تحت ڪوبه اختيار سپريم ڪورٽ کان واپس نه ورتو ويو آهي. ميرٽ تي به پارليامينٽ قانون جي خلاف درخواستون ٻڌڻ جوڳيون نه آهن.

ڪيس جي ٻڌڻي شروع ٿي ته درخواستگذار جي وڪيل خواجه طارق رحيم پنهنجي دليلن ۾ چيو ته منهنجي لاءِ اهو فخر آهي ته مان فل ڪورٽ جي سامهون پيش ٿي رهيو آهيان. اميد آهي ته بار ۽ بينچ ملي ڪم ڪندا.

چيف جسٽس آف پاڪستان قاضي فائز عيسيٰ ريمارڪس ڏنا ته دير سان اچڻ تي معذرت خواهه آهيان اسان لائيو ڪوريج جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي ۽ لائيو ڪوريج دوران ڪنهن به قسم جو خلل نه اچي ان لاءِ هڪ ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي. ڪجهه ججز اهڙا به آهن جيڪي پهريون ڀيرو ڪيس ٻڌي رهيا آهن. خواجه طارق رحيم چيو ته مان فل ڪورٽ جي مڪمل حمايت ڪريان ٿو.

چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته ماضي کي وساري ڇڏيو، اڄ جي ڳالهه ڪريو. جسٽس عائشه ملڪ ريمارڪس ڏنا ته پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ جي سيڪشن 5 ۾ اپيل جو حق ڏنو ويو آهي ان تي ڇا چوندو. جيڪڏهن اسان فل ڪورٽ تي ڪيس جو فيصلو ڪري ورتو ۽ قانون صحيح قرار ڏئي ڇڏيو ته اپيل جو حق ڪيڏانهن ويندو.

درخواستگذار جي وڪيل چيو ته مان ان تي دليل ڏيندس جنهن تي چيف جسٽس چيو ته خواجه صاحب پورو قانون پڙهو، قوم جو وقت وڏو قيمتي آهي. خواجه طارق رحيم چيو ته 1980 جي رولز جو حوالو ڏيڻ چاهيان ٿو. چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته ملڪ جي عوام جا 57 هزار ڪيس انصاف جي اوسيئڙي ۾ آهن .اوهان پريڪٽس اينڊ پروسيجر قانون پڙهو، اهي لفظ استعمال نه ڪريو جيڪي قانون ۾ موجود نه آهن. خواجه طارق رحيم 1960 جي رولز جو به حوالو ڏنو. جسٽس طارق مسعود چيو ته اوهان پهريان قانون پڙهي وٺو، اوهان جي وڏي مهرباني ٿيندي جڏهن ته جسٽس اعجازالاحسن چيو ته اوهان ڪهڙي رول جو حوالو ڏئي رهيا آهيو. جسٽس اطهر من الله چيو ته خواجه صاحب اوهان قانون نڪتن طرف اچو، جيڪو ماضي ۾ ٿيو ڇا اوهان ان کي سپورٽ ڪندا آهيو ٻڌڻي دوران جسٽس محمد علي مظهر به سوال ڪيو.

چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ريمارڪس ڏنا ته جيڪڏهن هر طرف کان سوال ٿيندو ته اوهان کي جواب ڏيڻ ۾ پريشاني ٿيندي. اوهان فوري طور تي سوال جو جواب نه ڏيو. سوال نوٽ ڪري وٺو پوءِ جواب ڏجو، جهڙي اوهان چاهيو ٿا دليل ڏيو. جسٽس جمال خان مندوخل ريمارڪس ڏنا ته اوهان آرٽيڪل 191 کي پڙهو، خواجه طارق رحيم چيو ته عدالت کي ريگوليٽ ڪرڻ جو اختيار ليجسليٽو لسٽ شيڊول جي تحت سپريم ڪورٽ جو آهي.

چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته پهريان قانون پڙهو، پوءِ تشريح ڪريو، جسٽس اطهر من الله چيو ته اختيار ٻڌڻي ۽ اختيارن جو ذڪر قانون ۾ نه آهي. چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته سپريم ڪورٽ جو پنهنجو اختيار آهي ته هو پنهنجي اختيارن کي ريگوليٽ ڪندو. ڇا اوهان اهو چئي رهيا آهيو ته 1980 جو رولز آئين سان تڪراري آهي.

خواجه طارق چيو ته 1980 جا رولز فل ڪورٽ ٺاهيا هئا ۽ اهي رولز صحيح آهن. جسٽس اطهر من الله چيو ته ڇا اوهان اهو چوڻ چاهيو ٿا ته آئين ۽ قانون کي انهي قانون غير موثر ڪري ڇڏيو آهي. چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته اوهان مستقبل جي ڳالهه نه ڪريو پنهنجي دليلن کي حال تائين محدود رکو. مستقبل م جيڪڏهن قانونسازي ٿئي ته اوهان پوءِ چيلينج ڪجو. جسٽس منيب اختر چيو ته 3 رڪني ڪميٽي کي آرٽيڪل 194 جي شق 3 جي اختيارن جي اجازت ڏيڻ ڇا اهو عدالتي اختيار آهي يا انتظامي. جسٽس منيب اختر سوال اٿاريو ته جيڪڏهن انتظامي اختيار آهي ته ڇا پارليامينٽ جوڊيشل اختيار ختم ڪري ڇڏيو آهي.

چيف جسٽس چيو ته عوام اسان کان 57 هزار ڪيسز جو فيصلو چاهي ٿو فل ڪورٽ فيصلو ڪيو ته عدالتي ڪارروائي لائيو ڏيکارڻ لاءِ هڪ پائلٽ تجربو ڪيو وڃي. عدالتي ڪارروائي لائيو ڏيکارڻ جي امڪانن بابت هڪ ڪميٽي به جوڙي وئي آهي.

فل ڪورٽ اجلاس ۾ پريڪٽس اينڊ پروسيجر ڪيس جي لائيو اسٽريمنگ جي اجازت ڏني وئي آهي جنهن جي لاءِ ڪمري نمبر هڪ ۾ ڪيمرا لڳايا ويا آهن جڏهن ته سپريم ڪورٽ جي ڪمري جي گيلري ۾ به ڪيمرا لڳايا ويا آهن. پي ٽي وي جي چئن ڪيمرائن جو رخ بينچ طرف آهي جڏهن ته پنجين ڪيمرا جو رخ عدالت جي ڪمري ۾ ويٺل حاضرين طرف آهي. عدالت جي ڪمري ۾ وڪيلن جو وڏو انگ موجود آهي جڏهن ته عدالت جي ڪمري نمبر 1 جون سموريون سيٽون ڀرجي ويون آهن. ملڪي ۽ پرڏيهي ميڊيا جي نمائندن جو وڏو انگ به سپريم ڪورٽ ۾ موجود آهي.

ذريعن موجب نئون چيف گهر کان سپريم ڪورٽ ايندي روٽ به نه لڳايو ويو جڏهن ته چيف جسٽس کي عام ججز واري سيڪيورٽي ڏني وئي. چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ 1899 سي سي واري عام گاڏي ۾ سپريم ڪورٽ پهتو.

سپريم ڪورٽ ٻاهران چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي چيمبر ٻاهران لڳل تختي تي جسٽس قاصي فائز عيسيٰ لکيو ويو. چيمبر جي ٻاهران لڳل تختي تي چيف جسٽس پاڪستان جي بجاءِ صرف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ لکيو ويو. ان کان اڳ اهڙي روايت نه ملي هئي.

Read Previous

پاڪستاني فٽبالر صدام حسين عمان جي فٽبال ڪلب ۾ شامل ٿي ويو آهي

Read Next

چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ گارڊ آف آنر وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو

Most Popular