پاڪستاني فٽبالر صدام حسين عمان جي فٽبال ڪلب ۾ شامل ٿي ويو آهي

پاڪستان فٽبال ٽيم جي مڊ فيلڊر صدام حسين عمان ۾ معاهدو ڪري ورتو آهي جنهن تحت هن سلاله اسپورٽس ڪلب جوائن ڪري ورتو آهي.

پاڪستاني فٽبالر کي ايس ايس جي سي کان سلاله ڪلب منتقل ڪيو ويو آهي، سلاله اسپورٽس ڪلب عمان جي ڊويزن ون ڪلب آهي.

صدام حسين 24-2023ع جي سيزن ۾ سلاله ڪلب لاءِ ايڪشن ۾ هوندو.

صدام حسين چيو ته مان پنهنجي نئين ڪلب ۾ شامل ٿيڻ تي پرجوش ۽ خوش آهيان، ايندڙ سيزن ۾ نئين ٽيم لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ تي ڌيان ڏئي رهيو آهيان.

ياد رهي ته صدام حسين ماضي ۾ ڪرغزستان ۽ بحرين ۾ پروفيشنل فٽبال کيڏي چڪو آهي ۽ هن پاڪستان لاءِ 25 انٽرنيشنل ميچون پڻ کيڏيون آهن

Read Previous

ايشيا ڪپ فائنل: سراج لنڪا کي شڪست، ڀارت 51 رنسن جو ٽارگيٽ ڏئي ڇڏيو

Read Next

ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو سپريم ڪورٽ جي ڪارروائي لائيو نشر، فل ڪورٽ بنائڻ واريون درخواستون ٻڌڻ جوڳيون قرار

Most Popular