اڳوڻي وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد جي گرفتاري خلاف پٽيشن داخل

اڳوڻي وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد جي ڀائٽي شيخ شاڪر ۽ ملازمن جي گرفتاري خلاف لاهور هاءِ ڪورٽ راولپنڊي بينچ ۾ پٽيشن داخل ڪئي وئي جنهن ۾ اڄ ئي ٻڌڻي جي استدعا ڪئي وئي آهي.

عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد احمد جي ڀائٽي شيخ عامر شفيق طرفان داخل ڪيل پٽيشن ۾ فيڊريشن آف پاڪستان پنجاب حڪومت، آءِ جي پنجاب، آر پي او، سي پي او، ايس پي آپريشن، ايس ايڇ او سول لائنز ويسٽريج، وارث خان، نيو ٽائون کي ڌر بنايو ويو آهي.

پٽيشن ۾ چيو ويو آهي ته پوليس اهلڪار شيخ رشيد سميت ٻين ماڻهن کي بنا ڪنهن وارنٽ جي گرفتار ڪري نامعلوم هنڌ تي کڻي ويا جتي انهن کي غير قانوني طور تي گرفتار ڪري رکيو ويو آهي. پوليس اختياريون رابطي جي باوجود شيخ رشيد سميت ٻين جي گرفتاري بابت ڄاڻ نه پيا ڏين. گرفتار ٿيل ماڻهن جي خلاف نه ته ڪو ڪيس داخل ٿيل آهي ۽ نه ئي ڪنهن ڪيس جي سلسلي ۾ انهن جي ضرورت هئي. گرفتار شيخ شاڪر جو ڪنهن به سياسي سرگرمي سان تعلق نه آهي هو واپاري آهي پر ان کي به شيخ رشيد احمد سان گڏ غيرقانوني گرفتار ڪيو ويو آهي.

عدالت ۾ داخل ڪيل پٽيشن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته گرفتار ڪيل ماڻهن کي غيرقانوني قيد ۾ رکيو ويو آهي. پوليس کي هدايت ڪئي وڃي ته گرفتار ٿيل ماڻهن کي هن عدالت ۾ پيش ڪريو ۽ انهن کي فوري طور تي آزاد ڪيو وڃي. وڪيل سردار شهباز خان موجب عدالت کان اڄ ئي ٻڌڻي جي استدعا ڪئي ويندي.

Read Previous

ملڪ جي مختلف علائقن ۾ برسات: ٿڌيون هوائون لڳڻ سبب موسم خوشگوار

Read Next

عمران خان کي پٽن سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه نه ڪرائڻ تان اٽڪ جيل جي سپرنٽينڊنٽ کان جواب طلب

Most Popular