لنڊن کان لاس اينجلس ويندڙ اڏام جي هيٿرو ايئرپورٽ تي ايمرجنسي لينڊنگ

لنڊن کان لاس اينجلس ويندڙ ورجن ائٽلانٽڪ جي اڏام هيٿرو ايئرپورٽ تي واپس ايمرجنسي لينڊنگ ڪئي.

ايوي ايشن ذريعن موجب ورجن ائٽلانٽڪ جي اڏام VS 23 لنڊن جي هيٿرو انٽرنيشنل ايئرپورٽ کان آمريڪا جي لاس اينجلس ايئرپورٽ لاءِ مقامي وقت موجب شام 6 لڳي 7 منٽن تي رواني ٿي.

بوئنگ 787 ڊريم لائنر جهاز ٽيڪ آف کان اڌ ڪلاڪ پوءِ به برطانوي فضائي حدن ۾ هو جڏهن جهاز ۾ فني خرابي پيدا ٿي وئي.

فلائيٽ ريڊار کي به جهاز مان ايمرجنسي سگنل مليا.

روانگي کان اٽڪل اڌ ڪلاڪ پوءِ برطانوي ايئرلائن جو جهاز واپس هيٿرو انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي لينڊ ڪيو.

Read Previous

آسٽريليا ۾ رڪارڊ ٽوڙ گرمي جي لهر

Read Next

ڪئناڊا هندستان لاءِ شيڊول واپاري مشن ملتوي ڪري ڇڏيو

Most Popular