ڪشمور مان ڏيڍ مهينو اڳ اغوا ٿي ويل ساگر ڪمار بازياب ٿي ويو آهي. پوليس موجب گهوڙا گهٽ واري علائقي مان ساگر ڪمار کي بازياب ڪرايو ويو آهي. رپورٽ موجب ڪشمور جي موبائيل مارڪيٽ مان 45 ڏينهن اڳ ڌاڙيلن هٿان اغوا ٿي ويل ساگر ڪمار کي پوليس پاران مبينا مقابلي بعد بازياب ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي. ٻئي پاسي ايس ايس پي روحيل کوسو ساگر ڪمار کي پنچائتي هال وٺي آيو جتي ميڊيا سان ڳالهائيندي ايس ايس پي ڪشمور چيو ته ڪچي واري علائقي مان ساگر ڪمار کي ڌاڙيلن سان مقابلي کان پوءِ بازياب ڪرايو ويو آهي. ساگر ڪمار جي بازيابي کان پوءِ گهر پهچڻ تي وارثن ۽ شهرين ۾ خوشي جي لهر پکڙجي وئي آهي. مغوي جي امڙ ۽ پيءُ ساگر ڪمار جي بازيابي جي خبر ٻڌي لڙڪ روڪي نه سگهيا. انهن ساگر ڪمار کي ڀاڪر پائي خوشي جو اظهار ڪيو. ٻئي پاسي ايس ايس پي روحيل کوسو ۽ پوليس جي حق ۾ نعرا لڳايا ويا. ان موقعي تي ايس ايس پي روحيل کوسو چيو ته مغوي ساگر ڪمار سميت ٻين مغوين جي بازيابي ۽ ڏوهارين خلاف ضلعي جي مختلف علائقن ۾ ڪارروايون جاري آهن پوليس جي بهترين حڪمت عملي سان ساگر ڪمار جي بازيابي عمل ۾ آئي آهي جلد ٻين مغوين کي بازياب ڪرائي ضلعي ۾ امن امان قائم ڪرايو ويندو. واضح رهي ته مغوي ساگر ڪمار کي ڏيڍ مهينو اڳ اغوا ڪيو ويو هو. مغوي جي بازيابي لاءِ ڌاڙيلن 5 ڪروڙ ڀنگ پڻ طلب ڪيو ويو هو. مغوي ساگر ڪمار جي بازيابي لاءِ ڪشمور ۾ تاريخي ڌرڻو هنيو ويو هو جنهن ۾ پوري سنڌ جي ماڻهن شرڪت ڪئي هئي. جنهن کان پوءِ نگران سنڌ حڪومت ڪشمور ڪنڌڪوٽ ۾ ڌاڙيل راڄ خلاف گرينڊ آپريشن جو حڪم ڏنو هو.