ڪراچي: احتساب عدالت شرجيل ميمڻ خلاف ڪرپشن جا ڪيس ٻيهر شروع ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

Sharjeel Memon

احتساب عدالت پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ شرجيل ميمڻ خلاف پوڻا 6 ارب روپين جي ڪرپشن ڪيسز تي ريمارڪس ڏيندي چيو آهي ته ڪيس جو ٽرائيل جتي بيٺو هو اتان کان ئي شروع ڪيو ويندو.

ڪراچي جي احتساب عدالت ۾ پ پ اڳواڻ ۽ اڳوڻي صوبائي وزير شرجيل ميمڻ جي خلاف پوڻا 6 ارب جي ڪرپشن ڪيسز جي ٻڌڻي ٿي. جنهن ۾ شرجيل ميمڻ سميت ٻيا جوابدار عدالت ۾ پيش ٿيا.

عدالت نيب ترميمن جي تحت عدالت جو اختيار چيلينج ڪرڻ جي جوابدارن جي درخواست رد ڪري ڇڏي ۽ ايندڙ ٻڌڻي تي گواهن کي طلب ڪري ورتو.

عدالت ريمارڪس ڏنا ته ڪيس جو ٽرائيل جتي بيٺو هو اتان کان ئي شروع ڪيو ويندو. گواهن کي گهرائي ڪيس کي ٻيهر هلايو ويندو. عدالت ريمارڪس ۾ چيو ته ڪالهه سپريم ڪورٽ جو حڪم نامو مليو آهي. عدالت سڳوري جي حڪمن تي عمل ڪيو ويندو.

جنهن کان پوءِ ڪراچي جي احتساب عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي گواهن ۽ جوابدارن کي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏيندي ريفرنس جي ٻڌڻي 5 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

Read Previous

ڪشمور مان ڏيڍ مهينو اڳ اغوا ٿيل ساگر ڪمار بازياب ٿي گهر پهچي ويو

Read Next

ڀارت ڏهاڪن کان ڏکڻ ايشيا ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ ملوث رهيو آهي: پرڏيهي آفيس

Most Popular