پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ چيو آهي ته ڪينيڊا ۾ ڀارت طرفان سک جي ٽارگيٽ ڪلنگ افسوسناڪ آهي، ڀارت ڏهاڪن کان ڏکڻ ايشيا ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ ملوث رهيو آهي.
هفتيوار ميڊيا بريفنگ ۾ ترجمان چيو ته ڀارت جون 2021 ۾ لاهور ۾ دهشتگرد حملو ڪيو، سال 2016 ۾ ڀارتي را جي ڪمانڊر ڪلڀوشن کي گرفتار ڪيو ويو، ڀارتي ڪمانڊر پاڪستان ۾ دهشتگرد ڪاررواين جو اعتراف ڪيو، ڪلڀوشن جي حيثيت ۾ ڪا تبديلي ناهي آئي.
هن چيو ته ڀارت کي پاڪستان ۾ دهشتگرد ڪاررواين ۾ ملوث هجڻ جو ڊوزيئر ڏنو ويو، نيويارڪ ۾ سائيڊ لائنز تي ڀارت سان ملاقاتن جو ڪو به امڪان ناهي.
ترجمان جو چوڻ آهي ته ترڪ صدر اردگان جي بيان کي ساراهي ٿو، ترڪي ڄمون ۽ ڪشمير تي پاڪستان جي موقف جي هميشه حمايت ڪئي آهي.