پريا ڪماري جي اغوا ڪيس پاڻ ڏسان پيو، ڪا اڳڀرائي ٿي ته ميڊيا کي آگاهه ڪندس: آءِ جي سنڌ

ڪنڌڪوٽ؛ آءِ جي سنڌ رفعت مختار چيو آهي ته پريا ڪماري جي اغوا جو ڪيس پاڻ ڏسي رهيو آهيان، پراڻو ڪيس هئڻ سبب مختلف جاچ آفيسرز جو رڪارڊ گهرايو اٿم، ڪا به اڳڀرائي ٿي ته ميڊيا کي آگاهه ڪندس

آءِ جي سنڌ رفعت مختار ڪنڌڪوٽ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان 21 آگسٽ تي آياسين ته ان وقت سنڌ ۾ 51 ماڻهو ڌاڙيلن وٽ يرغمال بڻيل هئا، هن وقت رڳو 6 ماڻهو ڌاڙيلن وٽ آهن، جن مان بروهي برادري جا 3 ماڻهو تازو اغوا ٿيا آهن

هن چيو ته ڪشمور ضلعي جا رڳو 4 ماڻهو اغوا ٿيل آهن، سمورا مغوي جلد بازياب ڪرائينداسين

Read Previous

ڀارت ڏهاڪن کان ڏکڻ ايشيا ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ ملوث رهيو آهي: پرڏيهي آفيس

Read Next

سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ لفٽون خراب،آفيسرن شڪايت ڪري ڇڏي

Most Popular