سک اڳواڻ جي قتل کانپوءِ ڪينيڊا ۽ ڀارت وچ ۾ ڇڪتاڻ جاري آهي.
ڀارتي ميڊيا موجب ڀارت ڪينيڊا ۾ موجود ڀارتي شهرين لاءِ ايڊوائزري جاري ڪري ڇڏي آهي، جنهن ۾ ڀارتين کي ڪينيڊا ۾ وڌندڙ ڀارت مخالف سرگرمين کان محتاط رهڻ جي صلاح ڏني وئي آهي.
ڀارتي ميڊيا موجب ڪينيڊا ويندڙ ڀارتين کي به اتي احتياط ڪرڻ جي صلاح ڏني وئي آهي.
ڀارتي پرڏيهي وزارت جو چوڻ آهي ته ڪينيڊا ۾ ڀارت مخالف ايجنڊا جي مخالفت ڪرڻ تي سفارتڪارن کي نشانو بڻايو ويو، ڀارتي شهري ڪيناڊا جي مخصوص علائقن جو سفر ڪرڻ کان پاسو ڪن.
ان کان اڳ، سفارتي ڇڪتاڻ بعد، ڪينيڊين حڪومت پڻ پنهنجي شهرين لاء هڪ سفري ايڊوائزري جاري ڪئي هئي.
ڪئناڊا پنهنجي شهرين کي هدايت ڪئي آهي ته هو هندستان جي مختلف علائقن آسام، مني پور، والاريل ڪشمير ۽ هندستان ۾ پاڪ-ڀارت سرحد جي ويجهو علائقن ڏانهن سفر ڪرڻ کان پاسو ڪن.