بيلجيم جي راڄڌاني برسلز ۾ تاريخي مجسمي کي نقصان پهچائڻ تي آئرلينڊ جي هڪ سياح کي گرفتار ڪيو ويو آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب برسلز ۾ هن مجسمي کي تازو ئي مرمت تي وڏي رقم خرچ ڪرڻ بعد ٻيهر نصب ڪيو ويو، جنهن ۾ آئرش سياحن پاران 19 هزار ڊالرن جو نقصان پهتو.
آمريڪي ميڊيا موجب سياح مبينا طور تي نشي جي حالت ۾ هو ۽ جڏهن هن شينهن جي مجسمي تي چڙهڻ جي ڪوشش ڪئي ته مجسمي جو هڪ حصو ڀڄي ويو.
مقامي ميڊيا موجب واقعو مجسمي جي بحالي جي هڪ ڏينهن کانپوءِ پيش آيو، پوليس فوري طور تي سياح کي ويجهي ريسٽورنٽ مان حراست ۾ وٺي ڇڏيو.
رپورٽن مطابق اختيارين سياحن کان مجسمي کي پهتل نقصان جو معاوضو طلب ڪري رهيا آهن.