گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 78 هين اجلاس ۾ ترڪي ڪشمير مسئلو اٿاريو

ترڪ صدر رجب طيب اردگان گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 78 هين اجلاس ۾ عالمي اڳواڻن کي خطاب ڪندي هڪ ڀيرو ٻيهر ڪشمير جو مسئلو اٿاريو.

پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب رجب طيب اردگان گڏيل قومن جي اعليٰ سطحي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪشمير مسئلي جي حل لاءِ پاڪستان ۽ ڀارت کي ڳالهين جي آڇ ڪئي، اهو ڏکڻ ايشيا ۾ معاشي استحڪام آڻيندو، امن ۽ خوشحالي جي لاءِ راهه هموار ڪندو.

هن اهو به چيو ته ترڪي ٻنهي ملڪن طرفان ڪشمير مسئلي جي حل ۽ اتي منصفاڻي ۽ پائيدار امن قائم ڪرڻ لاءِ کنيل هر قدم جي حمايت ڪندو. هن پاڪستان ۽ ڀارت کي ڳالهين دوران ثالثي جو ڪردار ادا ڪرڻ جي به حمايت ڪئي.

ان موقعي تي رجب طيب اردگان قبله اول مسجد اقصيٰ جي آزاديءَ جي جدوجهد جي حمايت جو عزم به ورجايو.

Read Previous

96 سالن جي آمريڪي عورت جج ڪاوڙ سبب معطل ٿي وئي

Read Next

فلم 3 ايڊيٽس جو ’لائبررين‘ ديهانت ڪري ويو

Most Popular