اضافي ٽول ٽئڪس خلاف ٽرانسپورٽرن جو ملير لڳ ٻئي ڏينهن به ڌرڻو

ملير: اضافي ٽول ٽيڪس جي وصولي خلاف ٽرانسپورٽر جو ٻئي ڏينهن به ڪراچي_ ٺٽو شاهراهه کي ملائيندڙ لنڪ روڊ تي ڌرڻو جاري آهي، جنهن سبب ٽريفڪ معطل آهي

آئل ٽينڪر ايسوسيئيشن پاڪستان جي چيئرمين شمس شهواڻي موجب، انتظاميه کي مهلت ڏيڻ باوجود مسئلو نه حل نه ٿيو، سيڪريٽري ورڪس اينڊ سروسز سان ڳالهيون ناڪام رهيون

ٻڌايو پيو وڃي ته گورنر سنڌ ڪامران ٽيسوري ڌرڻي واري هنڌ پهچي ٽرانسپورٽرن سان ڳالهيون ڪندو

شمس شهواڻي موجب غيرقانوني طور ڊرائيورن کي تشدد جو نشانو بنايو پيو وڃي، ڪلاشنڪوف جي زور تي زبردستي ڀتا خوري جاري آهي، مطالبن جي مڃتا تائين احتجاج جاري رهندو

Read Previous

فلم “جوان”: دپيڪا پڊڪون نينٿارا جو ڪيريئر ختم ڪري ڇڏيو؟

Read Next

نوازشريف سان ڪا اهم ڳالهه ڪرڻ لاءِ شهباز شريف لنڊن ويو آهي، خواجا آصف

Most Popular