ڪراچي: سنڌ اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر آغا سراج دراني چيو آهي ته اسان کي اليڪشن ڪميشن جي فيصلي تي اعتراض آهن، اليڪشن ڪميشن چونڊن جي تاريخ نه پر رڳو مهينو ٻڌايو آهي، پيپلزپارٽي چونڊ وڙهڻ لاءِ تيار آهي
ڪراچي ۾ احتساب عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي آغا سراج چيو ته اسان اليڪشن وڙهندا آيا آهيون ۽ کٽندا آيا آهيون، شهيد بينظير جي دور ۾ اسان پنجاب ۾ سويپ ڪيو هو
هن چيو ته نوازشريف کي ملڪ واپس اچڻ گهرجي ۽ هر ليڊر کي هتي هجڻ گهرجي
آغا سراج دراني آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري ڪيس ۾ احتساب عدالت آڏو پيش ٿيو، عدالت چيو ته نيب ترميمن بابت سپريم ڪورٽ جو فيصلو اچي چڪو آهي، هاڻي سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي مناسبت سان معاملا ڏسڻا آهن، عدالت ريفرنس جي ٻڌڻي ٻن هفتن تائين ملتوي ڪري ڇڏي