سکر ۾ گئس سلينڊرز ڌماڪي ۾ زخمي ٿيل ٻارڙي دم ڏئي ڇڏيو

سکر ۾ ايل پي جي دوڪان ۾ گئس سلينڊرز جي ڌماڪي ۾ زخمي ٿيل ٻارڙو شهريار ڀيو به زندگيءَ جي جنگ هارائي ويٺو، جنهن بعد ڌماڪي ۾ فوت ٿيلن جو انگ وڌي 3 ٿي ويو

ان کان اڳ ڌماڪي دوران سڙي زخمي ٿيل جميل ۽ نعيم به گمبٽ جي گمس اسپتال ۾ دم ڏنو

سلنڊر ڌماڪي ۾ زخمي ٿيل عورت ۽ نينگر شهريار سميت 6 ڄڻن کي ڳڻتيءَ جوڳي حالت ۾ گمس اسپتال منتقل ڪيو ويو هو

ٽنهي فوتين جا لاش گمس اسپتال مان وارثن حوالي ڪيا ويا

ايل پي جي دوڪان اندر ڌماڪو ڪيئن ٿيو؟ پوليس، انتظاميا يا واڳيل ڪنهن به اداري پاران جاچ شروع نه ڪئي وئي

Read Previous

اليڪشن ڪميشن جي فيصلي تي اعتراض آهن: آغا سراج دراني

Read Next

آمريڪي سينيٽر ۽ سندس گهر واري تي رشوت وٺڻ جي الزام هيٺ فرد جرم لاڳو

Most Popular