لاهور ۾ تيز برسات سبب هيٺاهين وارا علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا

لاهور: صوبائي گادي واري شهر ۾ طوفاني برسات سبب شهر جا هيٺاهين وارا علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا.

گذريل ڏينهن لاهور ۾ شروع ٿيندڙ تيز برسات اڄ صبح تائين جاري رهي جنهن سبب ڪيترن ئي هنڌن تي پاڻي جمع ٿي ويو جڏهن ته هيٺاهين وارا علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا جنهن کان پوءِ واسا ۽ ضلعي انتظاميه جون ٽيمون پاڻي ڪڍڻ ۾ مصروف آهن.

ڪيترن ئي ڪلاڪن کان لاڳيتو برسات جي نتيجي ۾ جوهر ٽائون، گلبرگ، گارڊن ٽائون ۾ پاڻي جمع ٿي ويو. ان کان علاوه لڪشمي چوڪ، گوالمنڊي، اڪبري منڊي ۾ به ڪيترن هنڌن تي پاڻي بيهي رهيو آهي جڏهن ته گلشن راوي، رستم پارڪ ۾ برسات جو پاڻي گهرن ۾ داخل ٿي ويو برسات کان پوءِ ضلعي انتظاميه ۽ واسا جي ٽيمون کي فيلڊ ۾ متحرڪ ڪيو ويو آهي.

ٻئي پاسي موسميات کاتي اڄ به سڄو ڏينهن وقفي وقفي سان برسات جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي آهي. جاري ڪيل انگن اکرن موجب لاهور ۾ سڀني کان وڌيڪ برسات لڪشمي چوڪ ۾ 97 ملي ميٽر رڪارڊ ڪئي وئي. رات دير کان شروع ٿيندڙ برسات ڏينهن جو به وقفي وقفي سان جاري آهي، ڪٿي هلڪي ته ڪٿي تيز برسات سبب شاهراهن، گهٽين ۽ پاڙن ۾ پاڻي بيهي رهيو آهي.

Read Previous

رضوانه تشدد ڪيس: جوابدار سول جج عاصم حفيظ 2 مهينا گذرڻ باوجود جاچ ۾ شامل نه ٿيو

Read Next

آمريڪا ڪئناڊا جي ڀيٽ ۾ ڀارت جي ئي چونڊ ڪندو؛ مائيڪل روبن

Most Popular