سومي علي سلمان خان خلاف پوسٽ شيئر ڪري هٽائي ڇڏي

پاڪستاني ڄائي آمريڪي اداڪارا ۽ ليکڪا سومي علي سوشل ميڊيا تي ڀارتي اداڪار سلمان خان خلاف هڪ پوسٽ شيئر ڪري ڇڏي.

سلمان خان عرف سلوڀائي جي ذاتي زندگي سرخين ۾ اچڻ جو ڪو به موقعو نه ڇڏيندي، ان حقيقت کان انڪار ناهي ته سلمان خان جا سندس شادي کان وٺي ماضي جا معاملا اڄ به بحث هيٺ آهن.

اداڪار جا ماضي ۾ ڪيترين ئي اداڪارائن جهڙوڪ ايشوريا راءِ، ڪترينا ڪيف، سومي علي ۽ سنگيتا بجلاني سان لاڳاپا رهيا آهن ۽ سلمان خان جي لڳ ڀڳ سمورين گرل فرينڊز اداڪار تي هڪ کانپوءِ ذهني ۽ جسماني تشدد جا الزام هنيا آهن.

هاڻ سلمان خان جي اڳوڻي گرل فرينڊ سومي علي تازو ئي پنهنجي انسٽاگرام تي هڪ پوسٽ ذريعي سلمان خان جي تنقيد ڪندڙن سميت سڄي دنيا جو ڌيان ڇڪايو آهي.

سومي علي تازو ئي پنهنجي اڳوڻي بوائي فرينڊ (سلمان خان) خلاف هڪ پوسٽ شيئر ڪئي هئي، بعد ۾ ان کي ڊليٽ ڪري ڇڏيو هو، جڏهن ته ڀارتي ميڊيا هاڻي دعويٰ ڪري رهي آهي ته سومي علي جو انسٽاگرام اڪائونٽ هيڪ ٿي ويو هو.

سومي علي هن پوسٽ ۾ دعويٰ ڪئي ته ماضي ۾ سندس بواءِ فرينڊ سلمان خان کيس مجبور ڪيو هو ته هو پنهنجي هٿن سان ذهني سڪون ختم ڪري.

Read Previous

پاڪستان ٿيٽر فيسٽيول جي 15هين ڏينهن تي ٽريجيڊي ٿيٽر ڊرامو ”برسات“ سنڌي ٻولي ۾ پيش

Read Next

ورلڊ ڪپ ۾ ڪنهن تي نظر رکڻي آهي؟ گوتم گمڀير ٻڌائي ڇڏيو

Most Popular